شاهي ٽمپ

شاهي ٽمپ (Shahi Tump): هي دڙو بلوچستان ۾ تربت کان 19 ڪلوميٽر اوڀر ۾ ڪيچ نديءَ جي کاٻي ڪپ تي آهي. اتان سر آريل اسٽين کوٽائي ڪندي ڪُلي ڪلچر (Kulli culture) جي آثار ۾ هڪ قبرستان کوٽيو. آثارن ۾ عمدو خاڪي ٺڪراٺو، ٿانو جن تي سواستيڪا (ساکيا) ٺهيل هئا. نقش نفيس ڪاري رنگ ۾ هئا ۽ ٽامي جو سامان، هڪ پاهي واري ڪهاڙي، پنج سيلون، جن ۾ خانا ٺهيل هئا. هتان هڪ رنبو به مليو، جو نئين پٿر واري پوکيءَ جي اوزار طور به سڃاڻي سگهجي پيو. هن ماڳ جي کوٽائي 1927ع ۾ ٿي. هتان ملندڙ وٿن ۾ خوبصورت ٺڪراٺو، جيڪو پراڻي ۽ نئين پاهڻي دور سان واسطو رکي ٿو، موجود آهي. هتان انساني هڏيون به مليون آهن. ماڳ کي هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ميوزيم انچارج ڊاڪٽر هينري فيلڊ به 1955ع ۾ کوٽي، ڪي حقيقتون ظاهر ڪيون آهن. هتان ملندڙ ٺڪراٺو ڪُلي ڪلچر ۽ ٻين بلوچستان توڙي ايراني ماڳن سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. هتان ٺڪراٺو ڳاڙهه سرو ميٽوڙي يا خاڪي ڀورو، پر اڻ پورو پڪل مليو آهي. ٿوري ڳاڻاٽي ۾ مهندسي چٽن وارو ٺڪر مليو آهي. ٺڪر ڀوري رنگ جو آهي. ٿانون جو ڊول به مخصوص آهي. ٺڪراٺي تي نقش سادا ۽ ڪنارن وٽ ڪافي جهڪا آهن. ٿانوَن تي اندرئين طرف چوٿين حصي تي چٽ نڪتل نظر ايندا. ٺڪر ميٽوڙي ۽ خاڪي رنگ جو به مليو آهي، پر آمري يا زوب ماٿريءَ مان ملندڙ ٺڪر کان مختلف آهي. هتان ملندڙ ويڪرا پيالا وڌيڪ پڪل ۽ ڪارا لوهي رنگ جا آهن، جن تي خاص چٽ چٽيل آهن.
بلوچستان ۾ نال کان پوءِ شاهي ٽمپ ۾ مڪمل تدفين جا آثار مليا آهن. هن دور ۾ ماڻهو مڙدي سان گڏ ڪيترن ئي نمونن جا ٿانءَ به پوريندا هئا، جن ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون پيل مليون آهن. اهي شيون شايد ان لاءِ پوريون ويون آهن ته جيئن آخرت ۾ کين ڪم اچن. هتي قبرن ۾ مڙدا اونڌا يا ڪلهي ڀر دفن ٿيل مليا آهن. سندن مٿن کان يا پيرانديءَ کان ٿانءَ دفن ڪيا ويندا هئا. انهن ٿانون سان گڏ دنبي يا ٻڪريءَ جا هڏا به مليا آهن، جيڪي ٿانوَن ۾ پيل آهن. مليل وٿن ۾ ٽامي جون آرون، نيزن جا مٿا، پٿرن جا مڻيا ۽ ٻيون شيون به مليون آهن. هي دڙو ماپ ۾ 80X170 ميٽر، اوچائيءَ ۾ 8 ميٽرن جو آهي.


لفظ شاهي ٽمپھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو